ڪنڌڪوٽ( ن س) ڏينهن ڏٺي جو اٽڪل ڏهين وڳي ڌاري اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نزد ماشاءالله سينٽر شيوا ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ مھيش ڪمار کي 2 نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي دڪان ۾ گھڙي ڪري دڪان مالڪ کي يرغمال بڻائي 3 کان چار لک روپيا روڪ موبائل فون ليپ ٽاپ ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا مھيش ڪمار سميت شھرين پاران ايس ايس پي ڪشمور شبير سيٺار کان ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن دليجان مگسي کان ڦر ٿيل رقم ۽ سامان جلد واپس ڪرئڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو ۔










