پوليس مقابلو، 2 ڦورو مارجي ويا، هڪ ساٿي عورت گرفتار

پوليس مقابلو، 2 ڦورو مارجي ويا، هڪ ساٿي عورت گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ پوليس مقابلي ۾ ٻه ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته انهن جي عورت ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته خواجه اجمير نگري ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلو ٿيو. فوت ٿيل جوابدارن جي فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. فوت ٿيل ڌاڙيلن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته فوت ٿيل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو