پوليس جي ڪاروائي دهشتگردي جي مبينا رٿابندي ناڪام

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سائيٽ سپر ھاء وي پوليس جي تمام وڏي ڪاروائي گرفتار ٿيل ٻن شڪي جوابدارن جي نشاندھي تي ڌڻي بخش ڳوٺ جي خالي گھر مان دستي بم ڪلاشنڪوف ڊيٽونيٽر ھٿ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي خبرموجب ڪراچي سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي جي حد ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ ڊي ايس پي سھراب ڳوٺ چوڌري سھيل فيض ۽ ايس ايڇ او سائيٽ سپر ھاء وي فيصل جعفري جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن ڌڻي بخش ڳوٺ جي ھڪ خالي گھر تي ڇاپو ھنيو جتان پوليس چار دستي بم 2 ڪلاشنڪوف ۽ ڊيٽونيٽر ھٿ ڪري ورتا آھن پوليس موجب ٻڌايو پيو وڃي تـ پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن اسماعيل ۽ جميل کي گرفتار ڪيو ھو جن جي نشاندھي تي پوليس طرفان خالي گھر تي ڇاپو ھنيو جتان پوليس دستي بم ڪلاشنڪوف ۽ ڊيٽونيٽر ھٿ ڪيا آھن جڏھن تـ پوليس جاچ جو دائرو وڌائيندي 8 جوابدارن کي ھن وقت تائين حراست ۾ ورتو آھي جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي جڏھن تـ اھا پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي تـ اھا جڳھ جتان بارودي مواد ۽ اسلحو ھٿ ڪيو ويو آھي اھا ڪنھن جي استعمال ھيٺ ھئي ھوڏانھن ايڊيشنل آء جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پوليس جي اھڙي ڪارڪردگي جي تعريف پڻ ڪئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو