قومي ڪارڪنن تي ڪريڪ ڊائون،ڪيترائي گرفتار

قومي ڪارڪنن تي ڪريڪ ڊائون،ڪيترائي گرفتار

مٽياري(ن سنڌ يار) صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف رٿيل نيوسعيدآباد ٽول پلازا وٽ ڌرڻي کان اڳ، پوليس جو ضلعي ۾ جسقم ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون، مٽياري، هالا، نيوسعيدآباد، کيبر، ڀٽ شاهه، ۽ ٻين هنڌن تان 16 کان مٿي جسقم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ضلعي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گشت به جاري آهي ۽ ٽول پلازه نيو سعيدآباد وٽ وڏا پوليس اٽالا پهتل آهن، صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف رٿيل نيوسعيدآباد ٽول پلازا وٽ ڌرڻي کان اڳ پوليس جو ضلعي ۾ جسقم ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو