پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جا وارث عدالت پهچي ويا

پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جا وارث عدالت پهچي ويا

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر ويجهو پوليس چڙهائي دوران مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل ڳوٺاڻي عبدالقادر عالماڻي جا وارث عدالت پهچي ويا، فوتي جي وارثن جاچ آفيسرن تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، فوتي جي ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر علي رضا گڏاڻي ۽ ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ ڪيس کي لوڙھي پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ چاهين ٿا، وارث، عدالت پٽيشن ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کي 17 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو، خبرموجب، اٽڪل 9 ڏينهن اڳ خانپورمهر ويجهو ڳوٺ نبي بخش عالماڻي لڳ مسو واھ وٽ عالماڻي ڌر جي گهرن تي خانپورمهر پوليس جي چڙھائي دوران مبينا تشدد ۾ ڳوٺاڻي عبدالقادر عالماڻي جا وارث فوتي جي ڪيس ۾ جاچ آفيسرن تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عدالت پهچي ويا، فوتي جي پٽ عبدلباسط عالماڻي جاچ آفيسرن علي رضا گڏاڻي ۽ ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندي ايڊووڪيٽ انور لوهار جي معرفت گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، پٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ جاچ آفيسر ايس ايڇ او خانپورمهر سان ملي ڀڳت ڪري فوتي جو ڪيس لوڙھي جوابدارن کي بچائڻ چاهين ٿا،۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هوڏانهن فوتي عبدالقادر عالماڻي جي وارثن احتجاج ڪندي چيو آهي تہ پوليس 161 جو بيان بہ ناهي ورتو الٽو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پٽيشنر فوتي جي پٽ عبدالباسط عالماڻي جو چوڻ آهي تہ ٻن پوليس اهلڪارن صدام مهر ۽ اڪرام جٽ جا نالا بہ ايف آءِ آر ۾ ناهن ڏنا ويا، هنن چيو ته جنهن ڏينهن واقعو پيش آيو ان ڏينهن تي ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اختر وسير، ايس ايڇ او ذوالفقار مهر ۽ ايس ايس ايڇ او وحيد ڀٽو پاران انصاف جي خاطري ڪرائي وئي هئي پر اهي واعدي تان ڦري ويا آهن پر اسان کي اڃا تائين انصاف نه مليو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن گهوٽڪي جي عدالت ڳوٺاڻي عبدلباسط عالماڻي پاران داخل ڪرايل پٽيشن ٻڌڻي قرار ڏيندي ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو ،ايس ايڇ او خانپورمهر اربيلو سانگري، انسپيڪٽر علي رضا گڏاڻي ۽ جاچ آفيسر عبدالقادر چاچڙ کي 17 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي، واضع رهي تہ خانپورمهر پوليس اٽڪل 9 ڏينهن اڳ عالماڻي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي هئي جنهن دوران مبينا تشدد ۾ ڳوٺاڻو عبدالقادر عالماڻي فوت ٿي ويو هيو،جڏهن ته واقعي جو ڪيس بہ داخل ڪيو ويو هو پر جاچ ۾ بي اعتمادي هجڻ ڪري فوتي جي وارثن پٽيشن داخل ڪرائي آهي…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو