پوليس ايڪٽ کان وڌيڪ منشيات جي خلاف ڪم ڪري پئي: لنجار

پوليس ايڪٽ کان وڌيڪ منشيات جي خلاف ڪم ڪري پئي: لنجار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ حڪومت منشيات ايڪٽ متفقه طور تي نه صرف پاس ڪيو بلڪي پوليس کان به اڳتي وڌي ڪري منشيات جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي. لياري جي علائقي ۾ منشيات مافياز جي خلاف نوٽس ۾ اچڻ وارن شڪايتن تي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ ملي ڪري قدم جاري آهن. هن سال نارڪوٽڪس جا 160 ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ 190 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ وڏي مقدار ۾ منشيات، گٽڪا، ماوا، تمباکو هٿ ڪيا ويا. هن چيو ته شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهي ۾ نارڪوٽڪس کاتي لياري ۾ خاص طور تي سرگرم عمل آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته سنڌ صوبي کي منشيات جهڙي لعنت کان پاڪ ڪيو وڃي. ضياءُ الحسن لنجار پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته اسان محبت ۽ ڀائيچاري سان سمورن قدمن سان اڳتي وڌي رهيا آهيون جڏهن ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي ۽ اسان سڀني کي قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيل روڊ، پي آءِ بي، حب ريور روڊ سميت ڪراچي جي مختلف علائقن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن ۽ انهن روڊن تي ٽريفڪ جو نظام به بهتر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مون ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي چارج سنڀاليندي ئي پوليس کي مستعد ۽ متحرڪ ڪيو هو ۽ صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي هن چيو ته سال 2024 ۾ موبائل کسجڻ جي واقعن جي تعداد 30 هزار هئي تنهن هوندي به سال 2024 جي دوران اهڙن واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي اسٽريٽ ڪرائم جي شرح ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، 28 سيڪڙو گاڏين جي چوري ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته پوليس کي پڻ وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ سان جوابدارن تائين پهچ 70 سيڪڙو تائين ٿي وئي آهي. ضياءَ الحسن لنجار سنڌ ۾ آئيني بينچز جي جوڙڻ بابت قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي، جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبرن بيهي ڪري راءِ شماري ۾ حصو ورتو ۽ قرارداد کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو