پولنگ دوران ڪٿي ڪٿي جهيڙا جهڳڙا ٿيا؟

ڪراچي: سنڌ جي آءِ جي پوليس غلام النبي ميمڻ چيو آهي ته مجموعي طور پولنگ جو عمل پرامن رهيو آهي. پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏيو گڙ ٻڙ ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪيو وڃي. پوليس چيف جي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي پر ڪراچي، مٽياري ۽ دادو ۾ هلڪن ڦلڪن جهيڙن جهڳڙن جا اطلاع مليا آهن.گلشن معمار ۾ يو سي 12 جي پي پي جي يو سي چيئرمين جي اميدوار بلال سعيد کي پي ٽي آءِ وارن ڪٽڪو ڏنو، هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال روانو ڪيو ويو آهي پوليس پي ٽي آءِ جي ايم پي اي رابستان خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. چنيسر ڳوٺ ۾ ووٽنگ مڪمل ٿيڻ وقت سرڪاري اسڪول جي عمارت جنهن ۾ 3 پولنگ اسٽيشنز ۽ 6 بوث قائم ڪيا ويا هئا، جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪٻئي تي لتن مڪن ۽ لٺين سان حملو ڪيو ويو 2 ٺڻڻ جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي جن کي پوليس بحفاظت محفوظ جاءِ تي منتقل ڪيو. پي پي وارن جي دعويٰ آهي ته سندن عورت ڪارڪن سان بدتميزي ڪئي وئي جنهن تان جهيڙو ٿيو.  منگھوپير جي يوسي 3 وارڊ ۾ جماعت اسلامي ۽ پ پ جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا. منگھوپير ۾ جماعت اسلامي انتظاميا سان گڏ پيپلز پارٽي تي ڌانڌلي جا الزام هنيا، جڏهن ته صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. ٻئي طرف ٽنڊوالهيار ۾ بختاور پتافي جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ پولنگ اسٽيشن تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. دادو جي گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول پولنگ اسٽيشن تي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق کي ڪارڪنن سميت پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. نارٿ ناظم آباد ۾ نقاب پوش اڻڄاتل ماڻهو پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا. آر او موجب ضلعي سينٽرل نارٿ ناظم آباد ٽائون يوسي 3 جي پولنگ اسٽيشن ۾ نقاب پوش اڻڄاتل ماڻهو داخل ٿيا ۽ پولنگ عملي کي هراسان ڪيو. آر او جو چوڻ هو ته اڻڄاتل ماڻهو پيپلز پارٽي جي جهنڊن سان گاڏين ۾ سوار هئا ۽ ٽيڪنيڪل سامان سان هٿ چراند جي ڪوشش ڪئي. دادو ۾ پي پي ايم پي اي پير مجيب پولنگ استيشن م داخل ٿين جي ڪوشش ڪئي سندن پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان منهن ماري ٿي، پوليس اچڻ بعد معاملو حل ٿي ويو، سعيد آباد ۾ پي پي ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ ڏند چڪ ٿيا ۽ هٿين پئجي ويا پر پوليس اچڻ بعد ڪجهه دير روڪيل پولنگ ٻيهر شروع ٿي. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي عزيز جان جو چوڻ آهي ته لياري ۾ نيا آباد جي يو سي 11 ۾ پولنگ 12 وڳي تائين رڪيل رهي، هن پي پي تي غنڊا گردي جو الزام هنيو.

پهنجو تبصرو موڪليو