پهرين ٽيسٽ، پاڪستان جون 4 ففٽيون، 313 رنز تي 5 آئوٽ

پهرين ٽيسٽ، پاڪستان جون 4 ففٽيون، 313 رنز تي 5 آئوٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ)ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنز ٺاهي ورتيون. امام الحق، شان مسعود، محمد رضوان ۽ سلمان آغا ڦڦتيون اسڪور ڪيون. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي، پر عبدالله شفيق صرف 2 رن ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عبدالله جي آئوٽ ٿيڻ بعد شان مسعود ۽ امام الحق ذميوارانه بيٽنگ ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو. 163 رنز جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان شان مسعود 76 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. 199 رنز تي امام الحق به 93 رن ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ايندڙ ئي بال تي سعود شڪيل بنا ڪنهن رن جي وڪيٽ وڃائي ويٺو. ٻن اوورن بعد 199 تي ئي بابر اعظم به آئوٽ ٿي ويو، هن 23 رنز ٺاهيون. ان کان پوءِ محمد رضوان ۽ سلمان آغا شاندار پارٽنرشپ جو مظاهرو ڪندي 114 رنز جي شراڪت قائم ڪئي. راند جي پڄاڻي تي رضوان 62 ۽ سلمان آغا 52 رنز سان وڪيٽ تي موجود هئا. ان کان اڳ، ٽاس کٽڻ کان پوءِ ڪپتان شان مسعود چيو ته “اسان هوم ڪنڊيشن جو مڪمل فائدو وٺنداسين”، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو ته “اسان اهڙين حالتن ۾ اڳ به کيڏي چڪا آهيون، ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته پاڪستان کي جلد آئوٽ ڪيون.”
پاڪستان جي پليئنگ اليون:
شان مسعود (ڪپتان)، بابر اعظم، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، امام الحق، عبدالله شفيق، شاهين آفريدي، نعمان علي، سعود شڪيل، سلمان علي آغا، ساجد خان ۽ حسن علي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو