پهرين آگسٽ کان پيٽرول جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان

پهرين آگسٽ کان پيٽرول جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پهرين آگسٽ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 9.07 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.73 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سبب بين الاقوامي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اتار چڙهاؤ کي قرار ڏنو پيو وڃي.ان کان علاوه هڪ اهم سبب ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر جي ترتيب کي به ڏنو پيو وڃي، جنهن جو اثر پيٽروليم شين جي قيمتن تي به پئجي رهيو آهي.انڊسٽري ذريعن موجب، پيٽرول جي قيمت 272.16 رپين کان گهٽجي 263.08 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل 283.35 رپين کان گهٽجي 280.62 رپيا في ليٽر ڪئي ويندي.بهرحال، مٽيءَ جي تيل جي قيمت 3.55 رپيا وڌي 184.88 رپين کان گهٽجي 181.33 رپيا ٿي ويندي.لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2.33 رپيا واڌ ٿيندي جيڪا 167.76 رپيا کان وڌي 170.09 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو