پنڪي کي گرفتار ڪري پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي

پنڪي کي گرفتار ڪري پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بدنام زمانھ منشيات فروش جوابدار انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪري پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھن ڪامياب ڪارروائي تي پوليس مبارڪن جي حقدار آھي، ڇاڪاڻ ته جوابدار عورت ڊگھي عرصي کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گھربل ھُئي جوابدار انمول عرف پنڪي پوري پاڪستان ۾ منشيات جي ترسيل سپلائي جو ھڪ منظم نيٽ ورڪ ھلائي رھي ھُئي. ھن چيو ته ھي نيٽ ورڪ نوجوان نسل کي تباھي ڏانھن ڌڪڻ ۾ ملوث ھو ۽ حڪومت اھڙن عناصرن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته گذريل ڏينھن ڪورٽ ۾ پيش آيل واقعو افسوس ناڪ ھو، سنڌ جي گھرو وزير واقعي تي ايڪشن کنيو ۽ موقعي تي موجود ٻن پوليس اھلڪارن کي معطل ڪيو ويو. سندس چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت منشيات فروشن خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪندي ته جيئن معاشري کي ھن ناسور کان پاڪ ڪري سگھجي.

پهنجو تبصرو موڪليو