ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) منشيات جي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل انمول عرف پنڪي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي، پوليس ابوالحسن اصفهاني روڊ تي اي-1 ڪمپليڪس ۾ هڪ فليٽ تي ڇاپو هنيو ۽ وڏي مقدار ۾ ڪوڪين هٿ ڪئي. ذريعن موجب، هٿ ڪيل منشيات جي قيمت 45 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي طرف، سچل پوليس اسٽيشن تي جوابدار انمول عرف پنڪي خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










