پنجن بورڊن ۾ شاگردن جا نتيجا تبديل ڪرڻ جو انڪشاف

پنجن بورڊن ۾ شاگردن جا نتيجا تبديل ڪرڻ جو انڪشاف

ميرپور خاص(ن س) ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم تعليمي بورڊ ۾ ڪرپشن بابت وڌيڪ انڪشاف ڪيا آهن.اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب نوابشاهه تعليمي بورڊ ۾ 90 هزار شاگردن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، جڏهن ته حيدرآباد بورڊ ۾ به وڏي پيماني تي نتيجن ۾ هيراڦيري ڪئي وئي.اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته سکر ۽ لاڙڪاڻي بورڊ ۾ وڏي پئماني تي پئسا وٺي شاگردن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، جڏهن ته ڪراچي تعليمي بورڊ ۾ به وڏي پيماني تي نتيجا تبديل ڪيا ويا.آفيسرن موجب، ڪرپشن تي سڀني تعليمي بورڊن جي چيئرمينن ۽ ڪنٽرولرز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ۽ تعليمي بورڊن جي آفيسرن کي 30 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو