پنجاب ۾ ڊينگي جا 79 ڪيس رپورٽ

پنجاب ۾ ڊينگي جا 79 ڪيس رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر کاتي ڊينگي جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي.صحت کاتي جي ترجمان موجب پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 79 ڪيس سامهون آيا آهن.راولپنڊي مان 65، چکوال ۾ 4 ۽ سيالڪوٽ مان 2 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا.ترجمان موجب لاهور، اٽڪ، فيصل آباد ۽ ساهيوال مان هڪ هڪ ڊينگي ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته قصور، چنيوٽ، گجرات ۽ اوڪاڙه مان به ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو