پنجاب ۾ ٻوڏ، 97 شهري فوت، 44 لک ماڻهو ۽ 4500 ڳوٺ متاثر

پنجاب ۾ ٻوڏ، 97 شهري فوت، 44 لک ماڻهو ۽ 4500 ڳوٺ متاثر

لاهور: (ويب ڊيسڪ)پي ڊي ايم اي پنجاب سيلاب سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جمعي تي جاري ڪيل ريليف ڪمشنر جي رپورٽ موجب، تازين سيلابن دوران مختلف حادثن ۾ 97 شهري فوت ٿيا آهن، جڏهن⁠ته درياءِ راوي، ستلج ۽ چناب ۾ آيل سيلاب جي ڪري 4500 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن. ريليف ڪمشنر جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته درياءِ چناب ۾ سيلاب سبب مجموعي طور 2 هزار 334 ڳوٺ متاثر ٿيا، درياءِ ستلج ۾ سيلاب جي ڪري 672 ڳوٺ متاثر ٿيا، جڏهن⁠ته درياءِ راوي ۾ سيلاب سبب هڪ هزار 482 موضع متاثر ٿيا. ريليف ڪمشنر جي رپورٽ موجب سيلابي صورتحال سبب مجموعي طور 44 لک 98 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، جن مان 24 لک 51 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سيلاب کان متاثر ضلعن ۾ 396 رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا، جڏهن⁠ته 19 لک هڪ هزار مال مويشي به محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو