پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول واپس

پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول واپس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون هڪ دفعو ٻيهر دير جو شڪار ٿيڻ جو امڪان آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڊسمبر ۾ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول واپس وٺي ڇڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ معزز ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون منعقد ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن طرفان ڪميشن کي بريفنگ ڏني وئي.بريفنگ دوران اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڪميشن کي ٻڌايو ته پنجاب اسيمبلي پنجاب لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2025 منظور ڪري ورتو آهي، پنجاب جي گورنر به لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2025 جي منظوري ڏني وئي، نئين ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ سان پنجاب لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2022 ملتوي ٿي ويو، ايڪٽ 2022ع جي تحت جاري تڪ بندين بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ گهرجي.اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڊسمبر ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول واپس وٺي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي وڌيڪ 4 هفتن جي مهلت ڏيندي پنجاب بلدياتي چونڊن جي تڪ بندين جو ڪم روڪي ڇڏيو. بلدياتي چونڊن لاءِ تڪ بندين جو شيڊول واپس وٺڻ جو فيصلو پنجاب حڪومت جي درخواست تي ڪيو ويو. پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2025 جي تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2022 جي تحت ڏنو ويو، تڪ بندي جو شيڊول واپس وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي تڪ بندي ۽ ڊيمارڪيشن رولز لاءِ 4 هفتا ڏئي ڇڏيا، تڪ بندي ۽ ڊيمارڪيشن رولز لاءِ ڏنل مهلت ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو. اختيارين موجب مقرر وقت ۾ ڪم نه ٿيو ته معاملي جي ٻڌڻي ڪري مناسب فيصلو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو