اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ 14 مئي جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي 4 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ته عدليه کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي، آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن عدليه کي چونڊن لاء تاريخ ڏيڻ جو حق ناهي ڏنو. اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ ادارن جا اختيار بلڪل واضح ڪيا آهن، ان ڪري سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي قانون ۾ تبديلي ڪري.










