پنجاب پوليس تي ڌاڙيلن جو حملو، 11 اهلڪار شهيد 7 زخمي

پنجاب پوليس تي ڌاڙيلن جو حملو، 11 اهلڪار شهيد 7 زخمي

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) سنڌ پنجاب باردر تي ماڇڪو جي ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب پوليس تي ڌاڙيلن ڙاڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ 11 پوليس اهلڪار شهيد، 7 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب 4 اهلڪار لاپتا آهن. پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ قائم پوليس چوڪين تي هفتيوار شفٽ جي تبديلي دوران گهر ويندڙ 2 موبائيلن ۾ سوار اهلڪار جڏهن بارش جي پاڻي ۽ گپ ۾ ڦاٿا ته ڌاڙيلن مٿن راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو. ايس ايس پي رحيم يار خان سڄي ضلعي مان وڏي پيماني تي نفري ۽ ڀر پاسي جي ضلعن مان اضافي اي پي سي طلب ڪري ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي. پنجاب پوليس سنڌ پوليس کي به الرٽ ڪيو آهي ته ڪٿي ڌاڙيل گهوٽڪي ضلعي ۾ فرارا نه ٿين. سنڌ پوليس پڻ ڪچي ۾ الرٽ آهي. ياد رهي ته ماڇڪو سنڌ جو علائقو هو جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سکر ۽ رحيم يار خان ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاڻ ۾ خط و ڪتابت ڪري ان کي عوامي مفاد ۾ پنجاب ۾ شامل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو