لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور سميت مختلف شهرن ۾ مون سون برساتن جو سلسلو جاري رهيو، مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي، جنهن ڪري هٺانهين وارا علائقا زيرِ آب اچي ويا.صوبائي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ پرهه ڦٽي جو (صبح سويل) سوا 4 بجي شروع ٿيندڙ برسات اڃا تائين شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري آهي، ايئرپورٽ تي برسات ملي ميٽر ۾ ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي. ايئرپورٽ جي علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ 212 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته جيل روڊ تي 12.2، ايئرپورٽ 212، هيڊ آفيس گلبرگ 40، لڪشمي چوڪ 16.5، اپر مال 104، مغلپوره 117، تاجپوره 123، نشتر ٽائون 32.8، چوڪ ناخدا 48، پاڻي وارو تلاءُ 21 ۽ فرخ آباد ۾ 20 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ان کان علاوه گلشن راوي 11.5، اقبال ٽائون 47.4، سمن آباد 22، جوهر ٽائون 57، ڊيفنس روڊ 40، شادي پوره 120، سگيان 16، ڪاهنا 119 ۽ مناوان ۾ 89 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي قصور، گوجرانوالا، وزيرآباد، گجرات، نارووال، شڪرڳڙهه، مريدڪي، ڪامونڪي، حافظ آباد، جلالپور جٽان ۽ ٻين شهرن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جو زور به ٽٽي پيو.محڪمه موسميات موجب، اڄ لاهور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ 29 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسم جو احوال ٻڌائيندڙن (پيشن گوئي ڪندڙن) پاران ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران به وڌيڪ برسات پيشن گوئي ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري هٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. برسات دوران شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ۽ موٽرسائيڪل سوارن توڙي ڊرائيورن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو سڙڪن تي جمع ٿيل پاڻي مان گذرڻ وقت سخت احتياط ڪن. ماهرن موجب، برسات دوران بيٺل پاڻي ۾ بجلي جي ڪرنٽ جو خطرو وڌي ويندو آهي، ان ڪري بجلي جي تارن، ٿنڀن ۽ ٽرانسفارمرن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي. انتظاميا به شهرين کي احتياطي تدابير اختيار ڪرڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ لاڳاپيل ادارن سان فوري رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.










