پنجاب جي ترقي کي دنيا جي ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي: مريم نواز

پنجاب جي ترقي کي دنيا جي ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي: مريم نواز

لاهور (بيورو رپورٽ): پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پنجاب اڄ گورننس ۽ ترقي جي معاملي ۾ سڀني کان اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ صوبي جي هن ترقي واري سفر کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نٿي سگهي. ٽريننگ ڪاليج چوهنگ ۾ ليڊي پوليس آفيسرن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب جي هونهار ۽ همت وارين نياڻين کي پوليس يونيفارم ۾ ڏسي کيس بي حد خوشي ۽ فخر ٿيو آهي، جن سخت حالتن ۾ 40 هفتن جي ٽريننگ ڪاميابي سان مڪمل ڪئي آهي. هن چيو ته نياڻين تي ڀروسو ڪندڙ والدين تحسين جي قابل آهن. اڄ عورتون مڙسن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن. پنجاب ۾ عورتن کي اسڪوٽر ڏنا ويا آهن ۽ اهي هاڻي ٽيڪسي هلائي پنهنجو روزگار ڪمائي رهيون آهن، جيڪو هڪ وڏو انقلاب آهي. وڏي وزير مريم نواز وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ جرائم جي شرح ۾ نمايان ڪمي آئي آهي ۽ هن وقت پنجاب عورتن لاءِ هڪ محفوظ صوبو بڻجي چڪو آهي، پر اسان جو اصل هدف گلي محلن کي نياڻين لاءِ مڪمل طور تي محفوظ بڻائڻ آهي، جيڪا حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن آئي جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته پوليس ۾ عورتن جي ڀرتي واري عمل کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ نياڻيون اڳتي اچي سگهن. هن چيو ته هوءَ پوليس سان ڪنهن آفيسر ذريعي نه پر سڌي رابطي ۾ رهي ٿي ۽ کين ٽيڪنالاجي جي مد ۾ وڏا فنڊز ڏنا ويا آهن جيڪي مستقبل ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندا. ان کان اڳ وڏي وزير چوهنگ ڪاليج پهچي ليڊي پوليس آفيسرن جي شاندار پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ تقريب ۾ آيل شهرين ڏانهن هٿ لوڏي سندن محبت جو جواب ڏنو. تقريب ۾ ڪامياب ٿيندڙ اهلڪارن کي انعام پڻ ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو