پنجاب جيان استادن جا اسڪيل اپگريڊ ڪريو، احتجاج

پنجاب جيان استادن جا اسڪيل اپگريڊ ڪريو، احتجاج

باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو) ميرٽ پاس استادن اپگريڊيشن ۽ پروموشن حاصل ڪرڻ لاء ڪاريون پٽيون ٻڌي حتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ استادن کان علاوه معززن شهرين به شرڪت ڪئي. استادن ۾ زاهد حسين  منگي.خادم حسين  ٻگھيو. محمد حڪيم جهتيال. ياسر حسين سومرو. راشد علي  ساريو.امام بخش ٻٽ.عباس علي  چنو.اسد علي  منگي.صادق حسين  گاڏهي ۽ ٻين استاد شرڪت ڪئي . احتجاج جي سبراهي استاد محمد حڪيم جهتيال. استاد خادم حسين ٻگهيو ڪئي جنهن استاد کان علاوه   سنڌ ترقي پسند جي اڳواڻ منور نوناري. قومي عوامي تحريڪ جي مير مرتضا گوپانگ. شاعرخالد خاموش .۽ شاگردن شرڪت ڪئي استادن جو مطالبو هيو ته  پنجاپ  صوبي  وانگر  سنڌ جي استادن جا اسڪيل اپگريڊ ڪيو وڃي. استادن جا پروموشن بحال ڪيا وڃن، بند ٿيل ساليانو انڪريمينٽ بحال ڪيا وڃن، اپائنٽميٽ کان پڪو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو