پنجاب اٽي جي فراهمي تي پابندي لاڳو ناهي ڪئي : عظميٰ بخاري

پنجاب اٽي جي فراهمي تي پابندي لاڳو ناهي ڪئي : عظميٰ بخاري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو آهي ته پنجاب اٽي جي فراهمي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لاڳو ناهي ڪئي اهي الزام حقيقتن جي ابتڙ آهن. پنجاب مان اٽي جي ترسيل مڪمل شفاف طريقي سان پرمنٽس جي تحت ٿي رهي آهي، پنجاب پنهنجي عوام جو حق ڪنهن ٻئي صوبي جي سياسي تماشن تي قربان نٿو ڪري سگهي.عظميٰ بخاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان جي اولين ذميواري پنجاب جي عوام آهي. وزيراعليٰ مريم نواز هر شهري جي لاءِ اٽي جي دستيابي ۽ مناسب قيمت کي يقيني بنايو آهي، اهائي عوام دوست طرز حڪمراني آهي جيڪا ٻين کي هضم نه پئي ٿئي. جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جي ضرورت پنجاب مان حاصل ڪيل اٽي کان وڌي وئي آهي ته انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي ذخيرو ٿيل ڪڻڪ جاري ڪن يا پاسڪو کان خريداري ڪن.هن چيو ته پنجاب پنهنجي عوام جو حق ڪنهن ٻئي صوبي جي سياسي تماشن تي قربان نٿو ڪري سگهي. ڪي پي ڪي ۾ 200 کان وڌيڪ فلورملز بند پيل آهن. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي مشورو ڏيان ٿي ته اهو اڊياله جي ٻاهر احتجاج جي بجاءِ پنهنجي صوبي جي فلورملز کي هلائڻ تي ڌيان ڏئي ته جيئن صوبي جي عوام کي اٽو ملي سگهي. صوبائي اطلاعات واري وزير چيو آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي ٽيڪس پيٽر جي پئسن سان شهرين جي لاءِ ڪڻڪ خريد ڪندي آهي ۽ انهي کي اسٽور ڪندي آهي ته جيئن اٽي جي قيمت نه وڌي، پنجاب وٽ 8 لک 85 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جا محفوظ ذخيرا موجود آهن جن جي ماليت تقريبن 100 ارب روپيه آهي. اهو سڀ ڪجهه وزيراعليٰ مريم نواز جي بهترين منظم پاليسين جو ثبوت آهي. ڪي پي ڪي حڪومت جيڪڏهن واقعي پنهنجي عوام جي لاءِ فڪرمند آهي ته ڪڻڪ پاسڪو يا پرڏيهه ملڪن کان خريد ڪري، ڇو ته سياسي نعرن ۽ مولاجٽ وارين ڌمڪين عوام جا چلها نٿا ٻرن.هن وضاحت ڪئي آهي ته بين الصوبائي سطح تي ڪڻڪ يا اٽي جي ورهاست تي ڪابه پابندي نه آهي، البته آئين جي آرٽيڪل 18 ۽ قانون جي تحت ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري کي روڪڻ جي لاءِ اجازت نامن ۽ ڊيجيٽل رڪارڊنگ سستم کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.پنجاب حڪومت عوام کي سستي ماني ڏيڻ جي لاءِ فلورملز کي 3.000 روپيه في مڻ جي حساب ڪڻڪ ڏئي رهي آهي ته جيئن مارڪيٽ ۾ اٽي جي مسلسل دستيابي ۽ قيمتن جو استحڪام برقرار رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو