پناما پيپرز ۾ ملوث آف شور ڪمپني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي شروع

پناما پيپرز ۾ ملوث آف شور ڪمپني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي شروع

پاناما(ويب ڊيسڪ)دنيا ڀر جي حڪومتن کي ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي حوالي سان پريشان ڪندڙ 2016 واري پاناما پيپرز اسڪينڊل سان جڙيل ڪمپني جي 27 ملازمن خلاف پاناما جي هڪ فوجداري عدالت ٻڌڻي ڪئي. پاناما ۾ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ موزيڪ فونسيڪا لا فرم جي مالڪن، وڪيلن ۽ ملازمن سميت 27 ماڻهن خلاف ڪيس هلي رهيو آهي ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين 12 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. موزيڪ فونسيڪا ڪمپني مان ليڪ ٿيل هڪ ڪروڙ 10 لک دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو هو ته دنيا جي ڪيترن ئي امير ترين ماڻهن جا اثاثا آف شور ڪمپنين ۾ لڪيل آهن. پاناما پيپرز دنيا جي بااثر شخصيتن جا راز پڌرا ڪيا جن ۾ ارب پتي، سياستدان ۽ اداڪار ۽ اسپورٽس پرسنز به شامل هئا. پاناما ليڪس کانپوءِ آئس لينڊ جي وزيراعظم سگمنڊور ڊيوڊ گنلاگسن کي سندس خاندان جا آف شور اڪائونٽس سامهون اچڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت جا تفصيل سامهون اچڻ بعد ڪيس ته هليو پر سزا وري هڪ ٻئي ڪيس ۾ ڏيندي کيس تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو هو. اها سزا تازو ختم ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه، ارجنٽائن ۽ يوڪرين جي اڳواڻن، چيني سياستدان ۽ روسي صدر ولاديمير پوتن، ٻين جي وچ ۾، جاچ پڙتال ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو