پليئر آف دي منٿ لاءِ رانديگرن جو اعلان، محمد نواز به شامل

پليئر آف دي منٿ لاءِ رانديگرن جو اعلان، محمد نواز به شامل

دبئي: (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نومبر جي مهيني جي بهترين رانديگر لاءِ ٽن رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي.ڏکڻ آفريڪا جي سائمن هارمر ۽ بنگلاديش جي تيجا الاسلام کي آءِ سي سي پاران نومبر جي مهيني لاءِ چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي محمد نواز کي به مٿين ٽن رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ کي ووٽنگ ذريعي آءِ سي سي جي مهيني جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويندو.محمد نواز سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجي شموليت کي يقيني بڻايو آهي، جنهن ۾ سريلنڪا ۽ زمبابوي سان تازو ختم ٿيل ٽرائي سيريز به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو