پشاور ۾ وزير جي ڀاءُ کان ڦر، اسلام آباد مان 2 ڦورو گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي جي ڀاءُ لياقت علي کي موٽر سائيڪل سوار ٽن ڦورن فري ورتو. هن کان موبائيل فون، ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته شڪايت بعد جاچ شروع آهي ۽ جلد انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن اسلام آباد پوليس اسٽريٽ ڪرائيم جي 100 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث ٻن سڳن ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ملزم عامر سليم ۽ احسن سليم جي قبضي مان ڦرڪيل 20 موبائيل فون ۽ روڪ رقم به برآمد ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو