پشاور کان ڪراچي تائين اِي چارجنگ پلانٽ لڳائڻ جو اعلان

پشاور کان ڪراچي تائين اِي چارجنگ پلانٽ لڳائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حب پاور ڪمپني (حبڪو) انڪشاف ڪيو آهي ته بي واءِ ڊي (BYD) ڇهن مهينن کان گهٽ وقت ۾ 2 هزار کان وڌيڪ گاڏيون وڪرو ڪيون آهن، جڏهن⁠ته ان جي “شارڪ” ماڊل لاءِ وڌيڪ 500 کان وڌيڪ آرڊر ملي چڪا آهن۔ ڪمپني هن وقت مڪمل تيار ٿيل گاڏيون (CBUs) عام ڊيوٽي ريجم تحت درآمد ڪري رهي آهي۔. حبڪو گهارو ۾ هڪ “ڪمپليٽلي ناڪڊ ڊائون” (CKD) اسمبلنگ پلانٽ قائم ڪري رهي آهي، جنهن جي سالياني پيداوار جي صلاحيت 25 هزار يونٽ هوندي. ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي اسد علي جي رپورٽ موجب، ڪمپني جي اينالسٽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي جي مالي مڪمل ٿيڻ جي اميد 2025ع جي آخر تائين آهي. منصوبي جي لاڳت جو تخمينو 150 ملين ڊالر آهي، جيڪو 60:40 قرض ۽ ايڪوئيٽي جي تناسب تي ٻڌل آهي. مقامي ۽ پرڏيهي قرض ڏيندڙ ادارا ٻئي منصوبي ۾ شامل آهن ۽ هڪ ٽرم شيٽ تي صحيحون ٿي چڪيون آهن۔ حبڪو کي اميد آهي ته CKD پيداوار ايندڙ 24 مهينن ۾ شروع ٿي ويندي. ملڪيت جي حوالي سان ڪمپني واضح ڪيو ته هي منصوبو “حب پاور هولڊنگ” (جيڪو حبڪو جي مڪمل ملڪيت واري ذيلي ڪمپني آهي) ۽ “ميگا ڪانگلومريٽ” جي وچ ۾ 50:50 جي گڏيل ڀائيواري آهي. بي واءِ ڊي هن منصوبي ۾ ڪو به ايڪوئيٽي حصو ناهي ورتو. عالمي سطح تي بي واءِ ڊي ٿائيلينڊ ۽ برازيل جهڙن ملڪن ۾ 100 سيڪڙو ملڪيت اختيار ڪئي آهي، تنهن ڪري هي پهريون عالمي شراڪت وارو منصوبو آهي جنهن ۾ هن ايڪوئيٽي حصو نه ورتو آهي. اي وي چارجنگ جي حوالي سان ڪمپني ٻڌايو ته جيتوڻيڪ شروعات ۾ چارجر يورپ کان ورتا ويا هئا، پر هاڻي چيني ڪمپنيون انهن کي وڌيڪ سستي اگهه تي ڏئي رهيون آهن. ڪمپني وڌيڪ چيو ته اي وي چارجنگ اسٽيشن مالي طور تڏهن قابل عمل ٿيندا جڏهن روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٽن گاڏين جي چارجنگ ٿئي. حبڪو ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ڪراچي–پشاور موٽر وي تي هر 150 کان 200 ڪلوميٽر جي فاصلي تي چارجنگ اسٽيشن لڳائڻ جو ارادو رکي ٿي. ان کان علاوه، سازگار انجنيئرنگ ورڪس لميٽيڊ اعلان ڪيو آهي ته هو 31 مارچ 2026 تائين “ٽينڪ-500” ۽ “ڪينن پلگ اِن هائبرڊ ويهڪلز” (PHEVs) جا CKD ماڊلز متعارف ڪرائيندو. ڪمپني جي مالي سال 2025ع جي سالياني رپورٽ موجب، ان کان اڳ 16 آگسٽ 2025 تي هن پنهنجو پهريون CKD PHEV “هيول H6 1.5L” لانچ ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو