پشاور (ويب ڊيسڪ): شاهه عالم شڪرپوره جي علائقي ۾ زيرِ تعمير عمارت جي ڀت اچانڪ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 6 مزدور زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون امدادي ٽيمون فوري طور تي موقعي تي پهچي ويون ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ريسڪيو اهلڪارن زخمي مزدورن کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ علاج لاءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. اسپتال انتظاميا موجب، سمورن زخمين کي ضروري طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ريسڪيو 1122 جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي سبب زخمين کي فوري امداد ۽ محفوظ طريقي سان اسپتال منتقل ڪرڻ ممڪن ٿيو، جنهن تي مقامي شهرين امدادي ٽيمن جي ڪارڪردگي کي سراهيو.










