بلاول جي عراقي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات، گڏيل  معاملن تي ڳالهيون

بلاول جي عراقي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات، گڏيل معاملن تي ڳالهيون

بغداد: (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بغداد ۾ عراقي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪيون آهن.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهتو جتي ايئرپورٽ تي نائب پرڏيهي وزير محمد حسين بحرالعلوم ۽ پاڪستان جي عراق ۾ سفير احمد امجد علي ۽ ٻين اختيارين بلاول ڀٽو جو استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد ۽ عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقاتون ڪيون.. ملاقاتن ۾ پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان عراقي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ملاقاتن دوران پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ اختيارين لاءِ ويزائن جي خاتمي جي پاليسي تي صحيحون ڪيون ويون ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو به معاهدو ڪيو ويو.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراقي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم فواد حسين سان ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ پاڪ عراق لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. عراقي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ عراق هميشه مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اميد آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو