پرڏيهي وزير اڄ ٽن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو

پرڏيهي وزير اڄ ٽن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڄ 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي متحده عرب امارات(يو اي اي) روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ موجب شاهه محمود قريشي دوري جي دوران اماراتي هم منصب ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو ان بابت چوڻ هو ته پرڏيهي وزير يو اي اي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقات ۽ انٽرنيشنل ميڊيا سان ڳالهيون به ڪندو. زاهد حفيظ ٻڌايو ته پرڏيهي وزير يو اي اي  قيادت سان ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪندو.ملاقاتن دوران واپار، سرمائيڪاري، پاڪستانين جي فلاح، نوڪرين جي موقعن بابت به ڳالهيون ڪيون وينديون

پهنجو تبصرو موڪليو