پرڏيهي ادائگيون: پاڪستان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي ڇڏي

پرڏيهي ادائگيون: پاڪستان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي پرڏيهي ادائگين لاءِ فنانسنگ پلان فراهم ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کي 6 ارب ڊالرن بدران 8 ارب ڊالرن جي فنانسنگ جي انتظامن کان آگاهه ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پرڏيهي ادائگين لاءِ 6 ارب ڊالرن جي خاطري گھري هئي جڏهن ته پاڪستان پرڏيهي ادائگين لاءِ 8 ارب ڊالرن جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب چين پاڪستان کي ساڍا 3 ارب ڊالر فراهم ڪندو، چين جا ٻه ارب ڊالر ڊپازٽ ۾ رکيل هوندا جڏهن ته چين جي ڪمرشل بينڪ ڏيڍ ارب ڊالر فراهم ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب پاڪستان کي ٻه ارب ڊالر، گڏيل عرب رياستون هڪ ارب ڊالر، عالمي بينڪ 50 ڪروڙ ڊالر ۽ ايشيا انفرا اسٽرڪچر بينڪ 25 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪندي.ناڻي واري وزارت جي اختيارين چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس جا اعلانيل 35 ڪروڙ ڊالر به پاڪستان ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو