اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي دبئي مان پاڪستان منتقلي بابت خبرن جي ويجهن ذريعن ترديد ڪري ڇڏي آهي. پرويز مشرف جي ويجهن ذريعن چيو آهي ته ان جي پاڪستان منتقلي جون خبرون درست ناهن، هو اڃا تائين دبئي ۾ آهي. ويجهن ذريعن موجب پرويز مشرف کي دبئي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي. واضح رهي ته اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته پرويز مشرف کي ٽي ڏينهن اڳ دبئي کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو صدر راولپنڊي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.










