اسلام آباد (بيورو)مسلم ليگ ق جي اڳواڻ پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو.پنجاب جي گورنر پاران حلف کڻڻ کان انڪار ڪرڻ بعد صدر عارف علوي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کان حلف ورتو.حلف برداري تقريب ۾ پي ٽي آئي جي اعليٰ قيادت سميت ق ليگ جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،ان کان اڳ چوڌري پرويز الاهي حلف کڻڻ لاءِ خاص جهاز ذريعي لاهور کان اسلام آباد پهتو.










