پرس چوري ڪندي سڳ سوڌي ڀارتي اداڪارا گرفتار

پرس چوري ڪندي سڳ سوڌي ڀارتي اداڪارا گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بنگالي اداڪارا روپا دتا کي ڀارت جي شهر ڪلڪتي ۾ انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ پرس چوري ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ٽي وي اداڪاره روپا کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هڪ پوليس آفيسر کيس ڪچري ۾ پرس اڇلائيندي ڏٺو. پوليس موجب جڏهن اداڪارا کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته سندس بيانن ۾ تضاد سامهون آيو، جڏهن ته تلاشي دوران روپا جي ٿيلهي مان ڪيترائي پرس ۽ 75 هزار ڀارتي رپيا مليا. پوليس جو چوڻ آهي ته روپا کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ معلوم ڪيو پيو وڃي ته ڇا واقعي ۾ ڪنهن گروپ جو هٿ آهي. ان کان اڳ روپا مشهور فلمساز انوراگ ڪشپ تي جنسي هراساني جو ڪوڙو الزام لڳايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو