پراسرار نموني گولي لڳڻ ڪري فوت ٿيل ناريءَ جو قاتل پيءَ نڪتو

مورو (اياز سولنگي) گذريل ڏينھن مورو جي پوسٽ آفيس ڪالوني ۾ پراسرا نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل ناري صفيه ڪورائي جو قاتل پيءَ نڪتو. مورو پوليس ڇاپو ھڻي بندوق سميت جوابدار نياز حسين ڪورائي کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايڇ او مورو قربان علي ڪلوڙ ٻڌايو ته پڪڙيل جوابدار مختلف بھانا ڪري رھيو ھو جنھن جي ڳالھين مان اسان کي شڪ پيو ته ھي خودڪشي نه پر قتل آھي جنھن تي اسان ھن جي ڪمري تي ڇاپو ھڻي قتل ۾ استعمال ٿيل بندوق ڪارتوس جي کول سميت قتل ٿيل نينگري صفيه جي رت وارا ڪپڙا به ھٿ ڪري ورتا آھن ۽ اھڙو قتل جو ڪيس سرڪار پاران مورو ٿاڻي تي جوابدار نياز ڪورائي تي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو