پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ علاج دوران فوت

پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ علاج دوران فوت

بدين ( ڊ ر ) شادي لارج ۾ پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙيندڙ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت تي ويو تفصيل موجب شادي لارج جو رھواسي پورھيت عبدالحڪيم ڪپري گھرو تڪرار جي ڪري پاڻ تي پيٽرول ھاري باھ ڏيئي ڇڏي جنھن جي ڪري سندس 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو ھو کيس انڊس اسپتال بدين منتقل ڪرڻ کان کيس علاج لاء ڪراچي اماڻيو ويو ھو جتي گزريل ڏينھن زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو سندس لاش شادي لارج پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو سندس جنازي ۾ شھرين ء برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء جي حوالي ڪيو ويو سندس والد 80 ورھين جي علي محمد ڪپري سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي

پهنجو تبصرو موڪليو