پاڻي کوٽ خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي هارين پاران کير ٿر ڪئنال وٽ ڌرڻو

پاڻي کوٽ خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي هارين پاران کير ٿر ڪئنال وٽ ڌرڻو

سکر:(ن س) سکر رائيس ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال ۽ سيف الله مگسي پٽ فيڊر ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي هارين ۽ آبادگارن پاران کير ڪئنال گلوبل چوڪ وٽ احتجاجي ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. وارهه، قمبر، شهدادڪوٽ، اوستا محمد ۽ بلوچستان جي ٻين مختلف علائقن مان آيل آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو مطالبو ڪيو.احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي حڪومت ۽ لاڳاپيل آبپاشي اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي.احتجاجي ڪئمپ کي خطاب ڪندي آبادگار اڳواڻ محسن قاضي، حسن خان جمالي ۽ حاجي غلام مصطفيٰ رند چيو ته رائس ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي هزارين آبادگارن جون بيٺل فصلون سڪي رهيون آهن. هنن چيو ته ساريون، ڪپهه، ڪمند، ڀاڄيون ۽ ٻين زرعي فصلن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته مال پاليندڙن کي به پيئڻ لاءِ پاڻي نه هجڻ ڪري وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هنن الزام هنيو ته پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ انتظامي نااهلي سبب هي صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن جي ڪري ننڍا آبادگار معاشي تباهي جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته رائس، کيرٿر ۽ دادو ڪئنالن ۾ فوري طور پاڻي ڇڏيو وڃي، آبادگارن کي سندن حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا ترت قبول نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ سنڌ، بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گڏيل تحريڪ هلائي ويندي، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين تي هوندي. احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته پاڻي جي فراهمي بابت واضح حڪومتي اعلان تائين سندن ڌرڻو ۽ احتجاج جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو