اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) تازين برساتن سبب ڊيمز ۾ پاڻي جي آمد ڪجهه بهتر ٿي رهي آهي پر ان جي باوجود به سنڌ جي وهڪرن ۾ واڌ ڪرڻ بدران پنجاب پنهنجي کڻت ۾ 7100 ڪيوسڪس واڌ ڪري ڇڏي. ارسا پاران جاري ڪيل ڊيٽا موجب 16 اپريل تي پنجاب جي ڪل کڻت 41400 ڪيوسڪس هئي جيڪا 17 اپريل تي وڌائي 48500 ڪيوسڪس ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ وهڪرن ۾ ڪجهه بهتري اچڻ باوجود سنڌ جي کڻت ۾ واڌ نه ڪئي وئي. 16 اپريل تي سنڌ کي 35000 ڪيوسڪس مليا ۽ 17 اپريل تي به ساڳئي ڊيٽا ڄاڻايل آهي. ارسا موجب 17 اپريل تي رِم اسٽيشن (تربيلا ۽ منگلا ڊيمز ۾ آمد) جو اِن فلو 128511 ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 92747 ڪيوسڪ ڄاڻايو آهي. ان جو مطلب ته 35764 ڪيوسڪس پاڻي جمع ڪيو ويو. رم اسٽيشن تي 16 اپريل تي آمد 118251 ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 80413 ڪيوسڪس هئي. 16 اپريل جي ڀيٽ ۾ 17 اپريل تي آئوٽ فلو12334 ڪيوسڪس وڌيڪ آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رم استيشن جي آئوٽ فلو مان 7100 ڪيوسڪس ته پنجاب کنيا باقي 5234 ڪيوسڪس ڪيڏانهن ويا؟ ان جو سادو جواب آهي ته ميانوالي لڳ ٺاهيل چشما ريزوائر يعني تلاءَ ۾ جمع ٿيا. ڇو ته چشما جو ان فلو 16 اپريل تي 49604 ڪيوسڪس هو ۽ 17 اپريل تي اهو وڌي 54125 ڪيوسڪس ٿي ويو. چشما ريزروائر مان به پنجاب زرعي آبادي لاءِ پاڻي کڻندو آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي اعراض باوجود پنجاب ٽي پي لنڪ ڪينال مان کڻت بند ناهي ڪئي. 17 اپريل جي ارسا ڊيٽا موجب هن ڪينال ۾ 3814 ڪيوسڪس پاڻي کنيو ويو. 2 ڏينهن کان سنڌ هن ڪينال تي اعتراض ڪري رهي آهي ته هي بند ڪريو ڇو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي. ٽي پي لنڪ ڪينال جي گنجائش 12 هزار ڪيوسڪس آهي ۽ پنجاب سنڌو درياهه مان پاڻي کني هن ڪينال ذريعي چناب ۾ وجهندو آهي جيئن اپر پنجند ايريا کي آباد ڪري سگهجي. 17 اپريل تي به پنجند ڊائون اسٽريم ۾ هڪ ڦڙو به پاڻي نه ڇڏيو ويو.

Source IRSA










