پاڻمرادو هلندڙ روبوٽ ٽوائلٽ متعارف، بستري تائين پهچڻ جي صلاحيت

پاڻمرادو هلندڙ روبوٽ ٽوائلٽ متعارف، بستري تائين پهچڻ جي صلاحيت

شنگھائي: (ويب ڊيسڪ) آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ۽ جديد ٽيڪنالاجي انساني سهولت لاءِ هڪ ٻي منفرد ايجاد متعارف ڪرائي ڇڏي. چين جي هڪ ڪمپني دنيا جو پهريون پاڻمرادو هلندڙ (خودڪار) ”روبوٽ ٽوائلٽ“ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ضرورت پوڻ تي پاڻ هلي واهپيدار جي بستري تائين پهچي ويندو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هي منفرد اسمارٽ ٽوائلٽ ”شياءُ بان“ جي نالي سان شنگھائي ۾ ٿيل هڪ نمائش دوران متعارف ڪرايو ويو. هي خاص طور تي معذور، بيمار ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جن کي هلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. هن روبوٽ ٽوائلٽ ۾ جديد لائيدار (LiDAR) ۽ اي آئي 3D نيويگيشن سسٽم لڳايو ويو آهي، جنهن جي مدد سان هي گهر اندر موجود رڪاوٽن مان محفوظ طريقي سان لنگهي ضرورت مند شخص تائين پاڻ پهچي سگهي ٿو. ڪمپني موجب، ڪمري جي ماحول کي خوشگوار رکڻ لاءِ ان ۾ ايڪٽيويٽڊ چارڪول فلٽر ۽ هڪ خاص فوم شيلڊ لڳائي وئي آهي، جيڪا بدبوءِ کي ٻاهر اچڻ کان روڪي ٿي. استعمال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هي اسمارٽ ڊيوائس پاڻمرادو واپس مين واشروم يا پنهنجي ڊاڪنگ اسٽيشن تائين هلي ويندي آهي، جتي پائپ ذريعي فضلي کي خارج ڪيو ويندو آهي. ان کانپوءِ، پريشر واٽر جيٽس ۽ الٽرا وائلٽ (UV) لائيٽ جي مدد سان هي پاڻ کي صاف ۽ جراثيمن کان پاڪ پڻ ڪري وٺندي آهي. چين جي مارڪيٽ ۾ هن جديد روبوٽ ٽوائلٽ جي قيمت لڳ ڀڳ 13 هزار آمريڪي ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا پاڪستاني ڪرنسي ۾ 36 لک رپين کان وڌيڪ بڻجي ٿي. ماهرن موجب، هي ايجاد معذور ۽ ضيعف (بزرگ) ماڻهن جي روزاني زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ گهريلو سنڀال (نگهداشت) جي شعبي ۾ پڻ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو