پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، 6 اهلڪار شهيد

پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، 6 اهلڪار شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب هيلي ڪاپٽر گذريل رات فلائنگ مشن دوران ڪري تباهه ٿي ويو.آءِ ايس پي آر موجب حادثي ۾ ٻن پائليٽن سميت هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب شهيدن ۾ پائليٽ ميجر محمد منيب افضل ۽ پائليٽ ميجر خرم شهزاد شامل آهن، شهيد اهلڪارن ۾ نائيڪ جليل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو