پاڪستان 5 رنز تان ميچ کٽي ويو پر سيمي فائينل مان ٻاهر

پاڪستان 5 رنز تان ميچ کٽي ويو پر سيمي فائينل مان ٻاهر

ڪينڊي(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي ٽيم 20 اوورن ۾ 207 رنز ٺاهي سگهي، شاهين آفريدي جي اخري اوور ۾ ڪپتان داسن شناڪا هڪ چوڪو ۽ 3 لڳاتار ڇڪا هنيا پر ٻه بال مس ڪري ويو ۽ پاڪستان 5 رنز تان ميچ کٽي ورتي. سريلنڪا ۽ پاڪستان ٻئي سيمي فائنل اسٽيج مان آئوٽ ٿي ويا. هاڻي سڀ ميچز ڀارت ۾ ٿينديون. داسن شناڪا 8 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 3 بالن تي 76 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.شاداب ٻن اوورن ۾ 33 رنز ڏنيون، محمد نواز ٻن اوورن ۾ 21 رنز ڏنيون، شاهين آفريدي 4 اوورن ۾ 48 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، نسيم شاهه 4 اوورن ۾ 36 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، ابرار احمد 23 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، عثمان طارق 4 اوورن ۾ 43 رنز ڏنيون. سريلنڪا 13 اوورن جي خاتمي تي 15 وڪيٽن جي نقصان تي 106 رنز ٺاهيون. پاٿم نسانڪا3 رنز ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي محمد نواز هٿان ڪيچ ٿيو، ڪامل مشرا 26 رنسون ٺاهي ابرار هٿان بولڊ ٿيو، چيرٿ اسلانڪا کي 25 رنز تي ابرار بولڊ ڪيو، ڪمندو مينڊس 3 رنز ٺاهي ابررهٿان بولڊ ٿيو، جانٿ ليانگا 5 رنز ٺاهي نواز هٿان بولڊ ٿيو. 15 هين اوور ۾ پون شاداب کي ٻه ڇڪا هڻي 32 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. ان کان اڳ پاڪستان، سريلنڪا کي 213 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. جيڪڏهن 147 جي اندر پاڪستان سريلنڪا کي آئوٽ ڪيو ته سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو. پاليڪيلي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ اهم ميچ کيڏيو پيو وڃي. سريلنڪا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي. پاور پلي جي 6 اوورن م فرحان ۽ فخر 64 رنسون ٺاهي ورتيون. صاحبزادا فرحان 32 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي. جنهن بعد فخر به ففٽي مڪمل ڪئي. 14 اوورن ۾ ٻنهي اوپنرز 150 رنسون بنا نقصان جي ٺاهي ورتيون. 176 تي پاڪستان جي پهرين وڪيٽ ڪري جڏهن فخر الزمان 4 ڇڪن ۽ 9  چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 84 رنسون ٺاهي ان سائيڊ ايج سبب بولڊ ٿيو. جنهن بعد خواجا نافع 2، شاداب 7 ۽ محمد نواز زيرو تي آئوٽ ٿيا. صاحبزادا فرحان 59 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي، اها سندس هن ورلڊ ڪپ ۾ ٻئي سينچري آهي. سلمان آغا به بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو، نواز ۽ سلمان 199 تي آئوٽ ٿيا. عثمان خان آيو جنهن چوڪو هڻي پاڪستان جو اسڪور 200 کان پار ڪرايو. آخري اوور جي پهرين بال تي سينچري اسڪور ڪندڙ فرحان ڪيچ آئوٽ ٿيو. شاهين آفريدي 4 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو، نسيم شاهه رن آئوٽ ٿيو، آخري اوور جي آخري بال تي عثمان 2 رنز ٺاهيون ۽ پاڪستان 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ سلمان آغا ٽاس وقت ٻڌايو ته صائم ايوب، بابر اعظم ۽ سلمان مرزا پليئنگ اليون جو حصو نه آهن. سندن جاءِ تي فخرالزمان، خواجا نافع، نسيم شاهه ۽ ابرار احمد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرن لاءِ پاڪستان کي گهٽ ۾ گهٽ 65 رنز تان سريلنڪا کي هارائڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو