اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ٿيل ٻن ڏينهن وارين ڳالهين ۾ مختلف معاملن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. پاڪستان پنهنجو حتمي موقف ويڊيو ثبوتن سان گڏ پيش ڪري ڇڏيو. سيڪورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آچر جي ڏينهن استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ جمود برقرار آهي، افغان طالبان جو وفد تحريڪِ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي افغانستان مان ڪم ڪندڙ پناهه گاهن خلاف تصديق لائق ڪارروائي ڪرڻ کان هٻڪ محسوس ڪندي لنوائي رهيو آهي. هي ڳالهين جو ٻيو ڏينهن هو، جيڪو ان ڪري ڊگهو ٿي ويو جو ٻنهي ڌرين کي افغانستان ۾ دهشتگرد پناهه گاهن ختم ڪرڻ بابت اتفاق راءِ نه ٿي سگيو. ذريعن موجب تقريباً نَو ڪلاڪن جي ڳالهيه ٻولهه کان پوءِ، پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين ٻڌايو ته سندن وفد افغان ڌر آڏو پنهنجو “آخري موقف” پيش ڪري ڇڏيو، مٿن زور ڀريو ته طالبان حڪومت کي “سرحد پار دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس ۽ تصديق لائق قدم کڻڻا پوندا.” هڪ سينيئر سيڪيورٽي آفيسر چيو: “پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته افغان طالبان طرفان دهشتگردن جي جاري سرپرستي ناقابلِ قبول آهي.” افغان طالبان طرفان پاڪستان جي انهن دعوائن تي جيڪي افغان ڌرتي تان ٿيندڙ دهشتگردي بابت هيون، ردِعمل کي “غير منطقي ۽ حقيقتن جي ابتڙ” قرار ڏنو ويو. هڪ اشارن ڀري بيان ۾، جيڪو ڀارت ڏانهن لڳي رهيو هو، جيڪو تازو ڪابل سان پنهنجا لاڳاپا وڌيڪ ويجها ڪري رهيو آهي، سيڪيورٽي آفيسر چيو ته طالبان وفد “ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي هلندي پيو لڳي.” اهو شڪ تڏهن وڌيڪ پختو ٿيو، جڏهن استنبول ڳالهين جي وچ ۾، ڀارتي فوجن آزاد جمو ۽ ڪشمير جي ليپا سيڪٽر ۾ ظاهري طور تي فائر بندی جي ڀڃڪڙي ڪئي. جيتوڻيڪ ڪنهن نقصان بابت سرڪاري بيان جاري نه ٿيو، پر علائقي واسين آچر جي شام تي شديد فائرنگ جي ڏي وٺ جي تصديق ڪئي. آفيسر خبردار ڪيو ته طالبان جو اهڙو رويو “نه افغانستان، نه پاڪستان ۽ نه ئي سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي.” ذريعن موجب، ڳالهين ۾ اڳتي وڌڻ افغان طالبان جي “مثبت روَيي” تي دارومدار رکي ٿو. ان کان اڳ، افغان وفد گذريل ڏينهن پاڪستان جي پيش ڪيل مطالبن تي لکت ۾جواب جمع ڪرايو، جنهن کان پوءِ پاڪستان پنهنجو جوابي موقف پيش ڪيو. ان کان پوءِ، ترڪي ۽ قطر جي سينيئر ثالثن جي موجودگي ۾ ٻيو سيشن شروع ٿيو. دستاويزن جي مٽاسٽا ۽ ٻئي سيشن جي غير متوقع شروعات تي ابتدائي طور تي ڪجهه اميد پيدا ٿي، پر ڊگهين ڳالهين کان پوءِ اها اميد ختم ٿي وئي، ڇاڪاڻته طالبان وفد ڪنهن به لکت واري ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آفيسرن موجب، افغان وفد، جيڪو ڪابل ۽ قنڌار کان هدايتون وٺي رهيو هو، فيصلا ڪرڻ جو مينڊيٽ نٿو رکي، ۽ لکت ۾ واعدا ڪرڻ کان انڪار کي پاڪستاني ڌر طالبان جي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف عمل ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي طور ڏٺو. ٻن ڏينهن جي ڳالهين دوران، پاڪستان ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين تنظيمن بابت فوٽوگرافڪ ۽ دستاويزي ثبوت پيش ڪيا، جيڪي افغان سرزمين تان ڪم ڪري رهيا هئا، جن ۾ سندن اڳواڻن ۽ حرڪتن جو تفصيل پڻ شامل هو. پاڪستاني وفد تازي سرحدي واقعن ۾ گرفتار ٿيل دراندازن جا فوٽو ۽ سندن افغان سڃاڻپ بابت دستاويز به شيئر ڪيا. هڪ موقعي تي، افغان طالبان ٽي ٽي پي کي پاڪستاني اختيارين سان سڌي ڳالهه ٻولهه لاءِ ميز تي آڻڻ جي پيشڪش ڪئي، پر اسلام آباد ان کي قطعي طور رد ڪري ڇڏيو، ٻيهر واضح ڪيو ته هو ڪنهن دهشتگرد گروهه سان ڳالهين ۾ شامل نه ٿيندا، ۽ اها طالبان جي ذميواري آهي ته ٽي ٽي پي جي سرپرستي ختم ڪري. دفاع واري وزير خواجه آصف جي اڳوڻن بيانن جي ورجاءَ ۾، پاڪستاني ڳالهه ٻولهه ڪندڙن افغان ڌر کي ٻڌايو ته اسلام آباد پنهنجي ماڻهن جي سلامتي لاءِ افغان سرزمين تان پيدا ٿيندڙ خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. انهن خبردار ڪيو ته طالبان حڪومت جي ضد سبب افغان عوام کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. پوري ڳالهه ٻولهه دوران، پاڪستان جو بنيادي مطالبو اهو ئي رهيو ته افغانستان مان هلندڙ دهشتگرد گروپن خلاف فيصلائتو قدم کنيو وڃي. جڏهن استنبول ۾ ڳالهين جو عمل جاري هو، پاڪستاني فوج پاڪستان-افغانستان سرحد تي وڏي دراندازي جي ڪوششن جي رپورٽ ڏني، جنهن تي طالبان جي نيتن تي وڌيڪ شڪ پيدا ڪيو. دراندازي جون اهي ٻه ڪوششون، جيڪي ڪرَم ۽ اتر وزيرستان ۾ ٿيون، آءِ ايس پي آر موجب ان وقت ٿيون “جيستائين پاڪستان ۽ افغانستان جا وفد ترڪي ۾ ڳالهين ۾ مصروف هئا.” فوجي ترجمان چيو ته: “هي ڳالهه عبوري افغان حڪومت جي ان واعدي تي شڪ پيدا ڪري ٿي، جيڪو هنن پنهنجي ڌرتي تان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ بابت ڪيو هو.” هي ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه 19 آڪٽوبر جي دوحه جنگبندي کان پوءِ ٿي، جيڪا قطر جي ثالثي سان هڪ هفتي جي خونريز سرحدي جهڙپن جو خاتمو آندو هو. ترڪي هن نئين مرحلي جي ميزباني ڪئي، جڏهنته قطر جنگبندي جو ضمانت ڏيندڙ ۽ ڳالهين جو سهولتڪار رهيو. پاڪستاني وفد ۾ اعليٰ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس آفيسر شامل هئا، جن ۾ انٽر-سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ)، ڊائريڪٽوريٽ آف ملٽري آپريشنز، ۽ پرڏيهي آفيس جا نمائندا شامل هئا. افغان وفد جي اڳواڻي نائب گهرو وزير مولوي رحمت الله نجيب ڪئي، ۽ ان ۾ طالبان جا سينيئر اڳواڻ جهڙوڪ انس حقاني، سهيل شاهين، نورالرحمان نصرت، ۽ عبدالقاهر بلخي شامل هئا. سفارتي ذريعن ٻڌايو ته ثالث ٻنهين ڌرين کي ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن مڪمل طور تي رابطي جو خاتمو نه ٿئي.










