ڪراچي (ويب ديسڪ) ٽراسپيرينسي انٽرنيشنل 2019 ۾ ٿيل ڪرپشن بابت پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي آهي. 180 ملڪن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ پاڪستان 2018 جي ڀيٽ ۾ 3 درجه گهٽ ٿيو آهي. 2019 ۾ پاڪستان کي 120 هين نمبر تي رکيو ويو آهي. پاڪستان جو اسڪور پئين سال جي ڀيٽ ۾ 33 کان گهٽجي 32 ٿي ويو آهي جنهن جو مطلب ته ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي.گذريل سال پاڪستان 117 هين نمبر تي هو ۽ هن سال 120هين نمبر تي آهي. ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل دنيا ۾ سڀني ملڪن جي سرڪاري بجيٽ ۽ ان جي استعمال بابت اندازو لڳائيندي آهي. ٻڙي معنيٰ تمام گهڻو ڪرپٽ ۽ 100 معنيٰ تمام گهڻو شفاف هوندو آهي. هن سال به پوئين سال جيان نيوزيلينڊ 87 نمبر تي آهي. ڀارت جو اسڪور 41 ۽ لسٽ ۾ 80 نمبر آهي. بنگلاديش 26 پوائنٽس سان لسٽ ۾ 146 هين نمبر تي آهي. افغانستان 16 جي اسڪور سان ايشيا پيسفڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ ملڪ ۽ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايماندار ملڪ نيوزيلينڊ 87 نمبر تي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2019 ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اپاءَ ناهن ورتا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيسين دنيا ۾ سياست ۾ پئسي جو استعال گهٽ نه ٿيندو ڪرپشن به گهٽ نه ٿيندي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جو سندس 18 مهينن جي حڪومت ۾ ڪرپشن جو خاتمو سندس نمبر ون ترجيح رهي ۽ نيب به سياستدانن خلاف ڪيس وڌيڪ داخل ڪيا پر ڪرپشن گهٽجڻ بدران وڌي وئي آهي.










