اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 56 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 1هزار300 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا35هزار460 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار384 ماڻهن ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ مريض 56 وائرس سبب فوت ٿي ويا.سرڪاري پورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 4.5 سيڪڙو هئي.سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا کان فوتين جو تعداد 11هزار802ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک49هزار032 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 33هزار184 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار822 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک99هزار974 ٿي چڪو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 67هزار589 آهي ۽ 1هزار923 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 9هزار073 ڪيسن جو تعداد آهي ۽ 260 فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪيسن جو ڪل تعداد 4هزار 910 آهي ۽ 102 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 41هزار561 آهي ۽ هن وقت تائين 475 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










