پاڪستان ۾ مهانگائيءَ وڌڻ جو خدشو ظاهر

پاڪستان ۾ مهانگائيءَ وڌڻ جو خدشو ظاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ مهانگائيءَ ۾ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.آءِ ايم ايف گذريل ٻن سالن جي معاشي ڪارڪردگي سميت هلندڙ مالي سال جون معاشي پروجيڪشنز پڻ جاري ڪري ڇڏيون.آءِ ايم ايف موجب، پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جي شرح 4.5 سيڪڙو مان 6.3 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جيڪا جون 2026ع ۾ 8.9 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته مهانگائيءَ جي شرح جون 2025ع ۾ 3.2 سيڪڙو هئي.آءِ ايم ايف رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال دوران معيشت جي ترقيءَ جي شرح 3.2 سيڪڙو پهچڻ جو امڪان آهي.پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 9 سيڪڙو مان گهٽجي 7.5 سيڪڙو تائين اچي چڪي آهي.مالي سال 2026ع دوران معيشت ۾ ٽيڪسز جو حصو 16.3 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اميد آهي.عالمي مالياتي اداري موجب، مالي سال 2025ع دوران معيشت ۾ ٽيڪسز جو حصو 15.9 سيڪڙو هو، جڏهن ته مالي سال 2026ع دوران مالي خسارو 4 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جيڪو مالي سال 2025ع ۾ 5.4 سيڪڙو هو.ان کانسواءِ 2026ع ۾ معيشت تي قرضن جو ٻوجهه 69.6 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته مالي سال 2025 دوران قرضن جو بار 70.6 سيڪڙو هو.آءِ ايم ايف موجب، 2026ع ۾ پرڏيهي قرض معيشت جو 22.5 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته 2025ع ۾ به پرڏيهي قرض معيشت جو 22.5 سيڪڙو هئا.آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته 2026ع ۾ سيڙپڪاري معيشت جو 0.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي، جيڪا 2025ع ۾ 0.6 سيڪڙو هئي. ان کان علاوه مالي سال 2026ع دوران مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا 17.8 ارب ڊالر ٿي سگهن ٿا، جيڪي 2025ع دوران 14.5 ارب ڊالر هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو