اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ افغان شهري ملوث هجڻ پريشان ڪندڙ آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ افغان پناهگيرن جي واپسي بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي وزير، وزيراعظم آزاد ڪشمير، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان موجود هئا، جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي نمائندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ موجب اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 16 آڪٽوبر2025 تائين 14 لک 77 هزار 592 افغانين کي واپس وطن روانو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ 13 لک افغان مهاجر اهڙا هئا جن کي پروف آف ڙيزيڊنس سرٽيفڪيٽ جاري ٿيل آهي ۽ هاڻي حڪومت انهن جي مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پهرين سيپٽمبر کان انهن خلاف مهم جاري آهي. وزيراعظم پاڪستاني اختيارين کي هدايت ڪئي ته واپس ويندڙ افغانين سان برو سلوڪ نه ڪيووڃي پر جيڪي بزرگ، عورتون ۽ ٻار آهن انهن کي مانائتي نموني وطن موڪليو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز کي سختي سان منع ڪئي آهي ته هو افغانين کي رهائش نه ڏين، عوام جي مدد سان افغانين جي نشاندهي جو سلسلو جاري آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سفارتي ۽ سياسي قدمن ذريعي افغانستان کان خوارج جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ افغانستان جي مدد ڪئي آهي، جيڪو ڏهاڪن کان مصيبت ۾ آهي.هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين قيمتي جانيون ۽ اربين ڊالر برداشت ڪيا آهن.شهباز شريف چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجه آصف ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن ڪيترائي ڀيرا افغانستان جو دورو ڪيو ۽ افغان نگران حڪومت سان ڳالهيون ڪيون ته جيئن پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ افغان سرزمين جي استعمال کي روڪي سگهجي.وزيراعظم چيو ته سفارتي ۽ سياسي قدمن ذريعي افغانستان کان خوارج جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن. پاڪستان جي بهادر عوام، جن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجن پيارن جي قرباني ڏني، اسان پڇون ٿا ته حڪومت ڪيتري وقت تائين افغان پناهگيرن جو بار برداشت ڪندي؟ ڪالهه خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي شهباز شريف چيو ته هن وڏي وزير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ وفاق طرفان هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياريو.هن چيو ته خيبر پختونخواهه وفاق جو هڪ اهم يونٽ آهي ۽ وفاق خيبر پختونخواهه جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ صوبائي حڪومت سان هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهي.










