اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڪيورٽي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي ٺاهيل هٿيار استعمال ڪيا ويا.سڪيورٽي ذريعن موجب تربت حملي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن وٽان آمريڪي ٺاهيل هٿيار هٿ ڪيا، تربت حملي ۾ دهشتگردن وٽان ايم 32 ملٽي شاٽ گرنيڊ لانچر، ايم 16/اي4، نائيٽ تھرمل ويزن ۽ ٻيا هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 27 جنوري تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن نيڪ من الله وٽان آمريڪي هٿيار به هٿ ڪيا ويا هئا ۽ 22 جنوري تي سمبازه زوب ۾ دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيار به پرڏيهي هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا.جڏهن ته 19 جنوري تي ميرانشاهه ۾ پاڪستان-افغان سرحد تي دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيار به پرڏيهي هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته 31 ڊسمبر 2023 تي باجوڙ ۾ سرحد پار ڪري ايندڙ 3 دهشتگردن کي سڪيورٽي فورسز ماريو هو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان آمريڪي ٺاهيل ايم فور ڪاربائن ۽ ٻيا هٿيار پڻ هٿ آيا هئا.29 ڊسمبر تي مير علي ۾ دهشتگردن وٽان اي ڪي 47، ايم 4 ڪاربائن ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.ذريعن موجب بي ايل اي فيبروري 2022ع ۾ نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ايف سي تي ساڳئي هٿيارن سان حملا ڪيا، جڏهن ته ٽي ٽي پي 12 جولاءِ 2023 تي ژوب گيريژن تي حملي ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ڪيا. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سيپٽمبر 2023 تي ٽي ٽي پي جي دهشتگردن چترال ۾ 2 چيڪ پوسٽن تي آمريڪي هٿيارن سان حملو ڪيو، 4 نومبر 2023 تي ميانوالي ايئر بيس تي حملي ۾ دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيار پرڏيهي ٺاهيا هئا.12 ڊسمبر 2023 تي درابن ۾ دهشتگرد حملي ۾ نائيٽ ويزن چشما ۽ آمريڪي رائفلز استعمال ڪيون ويون، جڏهن ته 15 ڊسمبر تي ٽئنڪ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ دهشتگردن وٽ جديد آمريڪي هٿيار هئا.سڪيورٽي ذريعن موجب 13 ڊسمبر تي ڪسٽم ۽ سڪيورٽي فورسز افغانستان مان ايندڙ هڪ گاڏي مان پياز جي بوري مان جديد آمريڪي هٿيار هٿ ڪيا هئا.يوريشين ٽائمز موجب پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي جا دهشتگرد آمريڪي ٺاهيل هٿيار پڻ استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آمريڪا افغان فوج کي 427300 جنگي هٿيار فراهم ڪيا آهن، 427300 جنگي هٿيارن مان 300000 هن وقت باقي آهن. آمريڪا 2005 کان 2021 تائين افغان سيڪيورٽي فورسز کي 18.6 بلين ڊالر جو فوجي سامان فراهم ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو