اسلام آباد: (بيورورپورٽ) پاڪستان ۽ ڪينيڊا هائبرڊ ٻج، چوپائي مال جي نسل ۽ فيڊ فارموليشن ۾ تعاون وڌائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان ۽ ڪينيڊا زرعي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي متفق ٿيا آهن، جنهن لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.وفاقي وزير فوڊ سيڪيورٽي رانا تنوير حسين ۽ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان زرعي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. وفاقي وزير پاڪستان ۾ زرعي مشينري جي مقامي پيداوار لاءِ گڏيل منصوبا پڻ تجويز ڪيا. ڪينولا جي پوک زرعي پيداوار ۾ جدت، هارين جي آمدني ۾ واڌ ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي کي فعال بڻائيندي. زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي ۾ ڪينيڊا سان ڀائيواري عالمي سطح تي پاڪستان جي برآمدات کي وڌائيندي.پاڪستان ۽ ڪينيڊا سرٽيفڪيشن، مارڪيٽ تائين رسائي ۽ ٽيڪنيڪل تعاون لاءِ هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي متفق ٿيا آهن.اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جون اثرائتي پاليسيون پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد حاصل ڪندي ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.










