ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۾ عارضي جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ افغان حڪومت جي ٽياڪڙي ۾ ڪابل ۾ ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته ڳالهين دوران اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ عارضي جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته افغان حڪومت ڳالهين جي عمل لاءِ نيڪ خواهشن ۽ ڌرين سان ڳالهين ۾ رواداري ۽ لچڪ ڏيکارڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.










