اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 4 ارب ڊالر جي زرعي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.قومي خوراڪ جي تحفظ واري وزارت جي هڪ بيان موجب، قومي خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين بيجنگ ۾ چيني ڪمپنين سان ملاقات ڪئي. رانا تنوير حسين جي موجودگي ۾ تاريخي زرعي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.بيان موجب، زرعي شعبي ۾ 4 ارب ڊالر جي 24 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.وفاقي وزير رانا تنوير حسين جو چوڻ آهي ته زرعي تعاون پاڪستان جي خوراڪ جي تحفظ ۽ برآمد جي صلاحيت کي ٻيڻو ڪندو، ۽ چين جي 215 ارب ڊالر جي زرعي درآمدات ۾ پاڪستان لاءِ وڏا موقعا آهن.رانا تنوير وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي مارڪيٽ جي مقابلي ۾ گهٽ قيمتن تي زرعي شيون فراهم ڪري سگهي ٿو.










