پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽاڪرو 7 نومبر تي ٿيندو

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽاڪرو 7 نومبر تي ٿيندو

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڀارت 7 نومبر تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيندا. ٻئي ٽيمون هانگ ڪانگ سپر سڪسز ۾ آمهون سامهون ٿينديون.هانگ ڪانگ سڪسز ۾ 12 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. پاڪستان، ڀارت ۽ ڪويت گروپ سي ۾ آهن.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عباس آفريدي جي اڳواڻي ۾ هانگ ڪانگ سڪسز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي.هانگ ڪانگ سڪسز ٽورنامينٽ 7 کان 9 نومبر تائين کيڏيو ويندو.واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون سيپٽمبر ۾ ايشيا ڪپ ۾ 3 ڀيرا هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو