پاڪستان ۽ آمريڪا جي قومي سلامتي بابت مشيرن جي ملاقات

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ آمريڪا جي قومي سلامتي بابت مشيرن جي ملاقات، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ، پرتشدد ڪاروايون روڪڻ ۽ سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستان جي قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي مشيرمعيد يوسف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد واشنگٽن جي دوري تي آهي. معيد يوسف آمريڪي هم منصب جيڪ سلوان سان مارچ ۾ جنيوا ۾ ملاقات ڪئي هئي جنهن م ٿيل ڳالهه ٻولهه تي عمل درآمد جي فالو اپ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ. نگران حڪومت قائم ڪرڻ ۽ طالبان کي ان م شامل ڪرڻ بابت تجويزن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو